لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نو??ز شريف جي بيماري جو نالو اقتدار کان دوري آهي جيڪا لاعلاج آهي، هن وقت (ن) جي قيادت ۾ ڏڪار ۽ زبان ب??دي جي موسم آيل آهي، مريم نو??ز خبر نه آهي ڪهڙي مصلحت جو شڪار آهي ۽ سندس آواز قوم کي ٻڌڻ ۾ نه اچي رهيو آهي. مينار پاڪستان جي تحريڪ انصاف وچ پن??اب جي تنظيمي ڪنوينشن ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي??دي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته لاهور ۾ وچ پن??اب جي ڪارڪنن جو تنظيمي ڪنوينشن پاڪستان جي مضبوطي، استحڪام ۽ ڳڙيل سڙيل نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو واضح اظ??ار آهي.