اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ آبادي ۾ اضافي جي روڪٿام جي ضرورت جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته قومن جي تعمير ۾ مثبت سوچ، منصوبابندي ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ضروري آهي، مل?? ۾ ??ارن جو وڏو انگ غذائي کوٽ جو شڪار آهي، ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ٺوس پاليسي سازي جي ضرورت آهي، ملڪ کي صحتمند ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ذميواري جو مظا??رو ڪرڻ گهرجي، ميڊيا معاشري ?? سماجي براين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي ڪ??نف??نس کي خطاب ڪندي ڪيو.