اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) عيد ميلاد النبي صه جي پرمسرت موقعي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ لاءِ ??زيراعظم عمران خان مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت کي عالمي رح??مه اللعالمين ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. آنحضور صه جي تعليمات کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ??زيراعظم جي سمورين صوبائي حڪومتن کي صوبائي، ڊويزن، ضلعي هيڊڪوارٽرز جي سطح تي سيرت ڪانفرنس ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.