ڪوئيٽه-16 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ?? برساتن سبب ريلوي ٽريڪس کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، معطل ٿيل ريلوي روٽس جي ??حا??يءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. ڪوئيٽه- تفتان ريل ٽريڪ 30 سيپٽمبر تائين ??حا?? ڪيو ويندو. ڪوئيٽه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي نيٽ ورڪ خراب طرح متاثر ٿيو آهي، ڊيرا الهيار کان ج??ڪب آباد تائين 11 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ پاڻي??َ ۾ ٻُڏل آهي، ٻوڏ سبب ڪوئيٽه- تفتان ريلوي ٽريڪ 104 هنڌن تان متاثر ٿيو آهي، جنهن کي 30 سيپٽمبر تائين ??حا?? ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ?? برسات جو پاڻي جيئن ئي گهٽبو مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ايف سي، اين ايل سي ۽ آرمي جي سهڪار سان متاثر ريلوي پٽڙيءَ جي ??حا??ي??َ ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن ج?? اپ گريڊيشن ترجيح آه??. گ??ادر ۾ به ريلوي آفيس قائم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته 5 ڏينهن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريلوي نظام کي پهتل نقصان ج?? جائزو وٺي رهيو آهيان. تاريخ ۾ پاڪستان ريلوي کي ڪڏهن به ايترو نقصان ناهي ٿيو، پر پرعزم آهيون ته ڏينهن رات هڪ ڪري ريلوي سروس کي ??حا?? ڪري عوامي ڏُکيائين ج?? ازالو ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس ۾ ريلوي وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.