اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومي تاريخ ?? ادبي ورثي واري ڊويزن تحت ڪم ڪندڙ تاريخي، علمي ۽ ادبي ادارن جي مثالي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي جيڪا معاشري ۾ ا??ن، ٻڌي ۽ خيرسگالي جي ج??بن کي فروغ ڏيڻ لاءِ نهايت اهمت رکندي آهي. هن اها ڳالهه قومي تاريخ ?? ادبي ورثي واري ڊويزن لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر چيو ته علم ۽ ادب معاشري جي ذهني ۽ روحاني واڌ ويجهه لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، ان سان گڏوگڏ پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ پنهنجي مشهور ماڻهن جي ڪارنامن کان واقفيت نوجوان نسل کي بهتر قومي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪندي آهي.