اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) اي??يا??ي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پروگرام تي س??تي س??ن عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ آهستي آهستي ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي رستي تي گامزن رهي سگهي ٿو، بئنڪ هلندڙ مالي س??ل جي پڄاڻي تي معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جڏهن ته مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو کان گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه اي??يا??ي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي، ايشين ڊولپمنيٽ آئوٽ لڪ جي نالي س??ن جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ هلندڙ مالي س??ل جي پڄاڻي تائين مجموعي قومي پيداوار جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل سال اقتصادي اوسر جي شرح 0.3 سيڪڙو ر??ار?? ڪئي وئي هئي تنهن هوندي به رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عا??مي اقتصادي س??تي سميت ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن سان خطرا موجود آهن. پاڪستان ۾ عا??مي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حساين ٻڌايو ته پاڪستان جي اقتصادي اوسر ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام ثابت قدمي س??ن اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ۾ لڪل آهي، هن ٻڌايو ته اقتصادي سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان اقتصادي ۽ مالياتي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ سختت مالياتي نظم ۽ ضبط، مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻو پوندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي معيشت کي گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري مشڪلاتون آڏو رهيون جنهن سان واڌ متاثر ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۽ سال 2024ع ۾ عا?? چونڊن سان اعتماد ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته سيڙپڪاري به وڌندي. رپورٽ ۾ حڪومت طرفان زراعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن جو به احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مفت ٻج، آسان قرض ۽ ڀاڻ جي فراهمي زراعت جي شعبي ۾ بحالي متوقع آهي ۽ ان سان صنعتن کي به فائدو ٿيندو.