اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي ملڪ جي دفاع خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري شهيدن کي ??راج عقيدت پيش ڪيو. ??در 13 جولاءِ تي ڪڇي ڪينال، سوئي بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي نائيڪ اسماعيل خان، سپاهي عبدالغفور ۽ سپاهي شفقت الله جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ??در وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن کي ??اراهيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قرباني جي جذبي ۽ حب الوطني کي ??لام پيش ڪيو. ??در شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.