ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزي?? بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جاپان سان سيڙپڪاري، واپار، سياحت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا، نجي ??عبو ٻطرفن لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جاپان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻوڏ متاثرين جي مدد تي جاپان جي ??ڪومت جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان جاپان کي افرادي قوت مهيا ڪري سگهي ٿو. اهڙن ??يالن جو اظهار هن جاپان جي ??رڪاري دوري جي موقعي تي ٽوڪيو ۾ جاپاني هم منصب يو شيماسا حياشي سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزي?? بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي ??وري دوران ميزباني تي پرڏيهي وزير يو شيماسا حياشي جو دل سان ٿورا مڃان ٿو، هي منهنجو جاپان ۽ خوبصورت شهر ٽوڪيو جو پهريون دورو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان پراڻا دوست آهن، پاڪستاني عوام جاپان ۽ جاپاني عوام جي لاءِ گرمجوشي ۽ محبت جا گهرا جذبا رکي ٿي، اسان ضرورت جي وقت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهيون. جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل سال اسان مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ذريعي لاڳاپن ۾ نئين توانائي ۽ ولولو ڏٺو آهي. منهنجو آسيان علائقائي فورم جي 29 هين وزار??ي اجلاس جي موقعي تي 4 آگسٽ 2022ع تي ڪمبوڊيا ۾ جاپاني هم منصب يو شيماسا حياشي سان ملڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. اڄ اسان ملاقات سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته جاپاني پرڏيهي وزير سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ڪهڙي طرح ٻئي ملڪ اسان جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪري سگهن ٿا، اسان واپار، سيڙپڪاري، انساني وسيلن جي ??رقي ۽ مٽاسٽا، آءِ ٽي، سياحت ۽ زراعت جهڙن ??عبن ۾ پنهنجي گڏيل فائديمند ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وڌائڻ ??ي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزي?? بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان گڏيل طور تي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ سولرائيزيشن، ڊي سيلينشن ۽ واٽر پيوريفڪيشن ۽ هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي ??عبن ۾ وڌيڪ اثر رکندڙ ٽارگيٽيڊ پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??مڪانن کي ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڌريون هنرمند افرادي قوت جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ جاپاني زبان جي لاءِ لينگئيج اسڪل اسسمنٽ ٽيسٽ ڪرائڻ ??ي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جاپان ۾ نوجوان پاڪستاني هنرمند انساني وسيلن جي ??رآمد ۽ ان جي ??بان جي ??ربيت کي تعاون جو هڪ اهم شعبو قرار ڏنو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۾ جاپاني ادارن جي ??يڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن تي به غور ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي ??وري دوران نجي ??عبي، مقامي ميڊيا سان گڏوگڏ ٿنڪ ٽينڪس سان به ڳالهه ٻولهه ڪندس. ٻنهي ملڪن کي مثبت ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته جاپان جي ??وري دوران نجي ??عبي جي ماڻهن سان ملاقات ڪندس. پرڏيهي وزي?? بلاول ڀٽو زرداري مهمان نوازي تي جاپاني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت ڏني. پرڏيهي وزي?? بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. هن جي ??اپاني وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.