اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ۽ تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته ??نت??نيو گوتريس سان ملاقات دوران اسان اتفاق ڪيو آهي ته دنيا کي موسمياتي تبديلي بابت پن??نج?? واعدا پورا ??رڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ??نت??نيو گوتريس سان پنهنجي ملاقات ۾ اسان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مون موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ??رڻ جي مطالبي جي مسلسل ۽ ڀرپور ??ڪالت تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان اتفاق ڪيو ته عالمي برادري کي موسمياتي انصاف جي لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ??رڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني ڪڏهن به نه وساريندا ته سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ ڪهڙي طرح عالمي فورمز تي ٻوڏ متاثرين جو ڪيس پيش ??رڻ جي لاءِ اڳتي اچي.