اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت ڪري ورتي جڏهن ته قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي مان اهي لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. اسي??بل?? ۾ ذاتي وضاحت تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته الله توهان کي محفوظ رکيو، الله تعاليٰ سدا??ين اوهان کي پنهنجي عافيت ۽ پناهه ۾ رکي، الله جو جيترو به شڪر ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون تقرير ڪئي هئي ج??هن ۾ وائيس چانسلرز جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي، وائيس چانسلرز اوهان کي منهنجي هڪ لفظ تي احتجاج ڪندي خط لکيو آهي، منهنجي درخواست آهي ته اهو لفظ ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي، مون کي پنهنجي ان لفظ تي افسوس آهي. آئون استادن جو دل سان احترام ڪريان ٿو. هُن منهنجي لفظ جي درست مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سياست ٿي رهي آهي، اسان کي درسگاهن ۾ پنهنجي ٻارن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد ڪرپشن هو، ملڪ جي زندگي ج?? سمورن شعبن ۾ ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪڏهن استادن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت چاهيان ٿو. قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر چيو ته مون اهو خط ميڊيا ۾ ڏٺو آهي، اڃان تا??ين منهنجي آڏو ناهي آيو، اوهان هڪ سينئر سياستدان آهيو، اوهان جو وڏپڻو آهي ته اوهان معذرت ڪئي، استادن جو احترام اسان سڀني ج?? دلين ۾ آهي، استاد ن??ين نسلن جي تربيت ڪندا آهن، اسان استادن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي آ??ين جي گولڊن جوب??ي جي موقعي تي سمورن وائيس چانسلرز کي دعوت ڏني هئي، هن چيو ته سمورن ميمبرن کي گهرجي ته خطاب دوران لفظن جي چونڊ درست ڪن، اسپيڪر خواجه محمد آصف جي تقرير مان اهو لفظ حذف ڪري ڇڏيو.