اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي ج?? ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پلاننگ ڪميشن جي جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 24 ارب 89 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي ج?? ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب جار?? ترقياتي منصوبن ۾ پلاننگ ڪميشن ۾ اداراجاتي سڌارن جي لاءِ 50 ڪروڙ، سينٽر فار ايڪسيلينس جي لاءِ 25 ڪروڙ، چائ??ا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور جي لاءِ 20 ڪروڙ، پاليسي اورينٽيڊ پروگرام جي لاءِ 67 ڪروڙ، اينٽگريٽيڊ انر??ي پلاننگ جي لاءِ 15 ڪروڙ، انوويشن سپورٽ پراجيڪٽ جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته نئين منصوبن ۾ پائيڊ جي لاءِ 70 ڪروڙ، جوڊيشل پراجيڪٽ ريفارمز جي لاءِ 5 ڪ??وڙ، پوسٽ فلڊ 2022ع بحالي پروگرام جي لاءِ 6 ارب رپين سميت مختلف منصوبن جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن.