لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي لاءِ اهڙا اهل ماڻهو جيڪي رجسٽرڊ نه آهن انهن جي فوري ??جسٽريشن يقيني بڻائي وڃي، اٽي جي ورڇ وار??ن پوائنٽس تي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران رجسٽريشن جي لاءِ پنهن??ا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن، ??مض??ن دوران غريب طبقي جي مشڪلاتن ۾ جيستائين مڪمن ٿي سگهي گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مفت اٽي جي ورڇ 25 ??مض??ن تائين جاري ??هندي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ??مض??ن پئڪيج تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شازيه مري، مريم اورنگزيب، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مفت اٽو اسڪيم پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ جاري ??هي جنهن سان اهل خاندانن جو وڏو انگ فائدو کڻي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ اٽي جي ورڇ واريُون پوائنٽس شادي هالز ۾ ٺاهيُون ويُون آهن جتي ماڻهن کي انتظار دوران مشڪلاتن کي بلڪل به منهن ڏيڻو نه پئجي رهيو آهي. ان کان اڳ وزيرا??ظم لاهور ۽ قصور ۾ اٽي جي ورڇ وار??ن پوائنٽس جو دورو ڪيو هو جتي انتظامن کي اطمينان جو قرار ڏنو هو. وزيرا??ظم پنجاب، خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ اسلام آباد انتظاميا جي ان پروگرام ۾ شامل سمورن ادارن ۽ اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو.