اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏنو آهي ته پنهنجي ذهني صلاحيتن کي نکارين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ملڪ کي درپيش سماجي ?? اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ دانشوراڻي وسيلن، آءِ ٽي جي ڄاڻ ۽ هنر کي بهتر بڻائڻ ضروري ??هي. هو ڪيڊٽ ڪاليج جعفر آباد ب??وچ??تان جي شاگردن ۽ عملي سان ڳالهائي رهيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته قومن سائنس ۽ تعليم تي ڌيان ڏئي ترقي ڪئي ??هي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته 22 ملين ٻار اسڪولنک ان ??اهر آهن جڏهن ته خطي جي ملڪن پرائمري انرولمنٽ جي شرح اٽڪل 100 سيڪڙو حاصل ڪري ورتي ??هي. هن چيو ته انهن ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت ??هي. هن ملڪ جي معاشي صحت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نوجوانن کي هنر ۽ تعليم سان ??يس ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان ??نهنجي قدرتي ۽ انساني وسيلن ٻنهي جي لحاظ کان ??ڏي صلاحيت رکي ٿو جنهن کي ملڪ جي ترقي جي لاءِ مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته ب??وچ??تان ??درتي وسيلن سان ??الامال آهي ۽ صوبي کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊيمن ۽ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته شاگردن کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ انٽرنيٽ آف ٿنگز، روبوٽڪس، ورچوئل ريئلٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي تربيت ڏني وڃي، جنهن جو زندگي جي هر شعبي ۾ وڏي ضرورت ??هي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏين ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر کي ٻڌايو ويو ته ڪيڊٽ ڪاليج جعفر آباد جو قيام 5 مارچ 2009ع تي عمل ۾ آيو، ڪاليج ۾ ستين کان ??ارهين درجي تائين ڪلاسز ٿين ٿيون. ڪاليج مان ??يستائين ٻارهين درجي جون 8 انٽريز (اٽڪل 570) پاس آئوٽ ٿي چڪا آهن.