لاهور – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ فيصلاسازي ج?? عمل کي تيز ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو ٻار انٽرميڊيئٽ کان هايئر ايجوڪيشن ط??ف وڃن ٿا جڏهن ته 2 ڪروڙ 20 لک ٻار اسڪولن ک??ن ٻاهر آهن، 70ج ي ڏهاڪي کان اعليٰ تعليم يافته طبقو پاڪستان ک??ن ٻاهر وڃي رهيو آهي ج??ڪو فڪر جو لمحو آهي، دنيا آءِ ٽي ج?? حوالي سان اسان طرف ڏسي رهي آهي جڏهن ته اسان آءِ ٽي سيڪٽر ۾ گهربل انگ ۾ نوجوانن کي تربيت نه ڏئي رهيا آهيون، ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي حالت کي بدلائڻ ۽ ملڪ جي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ٿنڪ ٽينڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. هو گورنر هائوس لاهور ۾ يونيورسٽي آف لاهور جي سوشل سائنس ڊپارٽمينٽ فيڪلٽي ميمبرن ۽ پي ايڇ ڊي اسٽوڊنٽس سان ملاقات ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ريڪٽر يونيورسٽي آف لاهور ڊاڪٽر محمد اشرف ۽ هيڊ آف ٿنڪ ٽينڪ ڊاڪٽر رابعه اختر صدر کي يونيورسٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته نئين نسل ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ استادن جو ڪردار تمام اهم آهي ج??ڪو آهستي آهستي قومن جا ڏينهن بدلائي ٿو، استاد ايندڙ نسلن کي قائل ڪن ٿا جنهن سان قومن جي زندگي ۾ انقلاب اچي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ نوجوانن جو تمام وڏو انگ موجود آهي، جنهن مان رڳو 9 سيڪڙو ٻار انٽرميڊيئٽ کان هايئر ايجوڪيشن ط??ف وڃن ٿا جڏهن ته 2 ڪروڙ 20 لک ٻار اڃا به اسڪولن ک??ن ٻاهر آهن، دنيا آءِ ٽي ج?? حوالي سان اسان طرف ڏسي رهي آهي جڏهن ته اسان آءِ ٽي سيڪٽر ۾ گهربل انگ ۾ نوجوانن کي تربيت نه ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجون ڪمزوريون ختم ڪرڻو پونديون ته جيئن اسان دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهون ۽ اس??ن جي بهتر طريقي سان شنوائي ٿئي. هن چيو ته اسان کي ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي حالت کي بدلائڻ جڏهن ته ملڪ جي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٿنڪ ٽينڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر پي ايڇ ڊي شاگردن کي مخاطب ٿي چيو ته اس??ن جيڪا به ريسرچ ڪريون سڀني کان پهرين ڏسو ??ن جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو، ڇا پاڪستان ان مان فائدو کڻي سگهندو يا نه، پوءِ توه??ن جو ڪم ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر دنيا ۾ سڀ کان تيز ترين ترقي ج?? ٽرين آهي ج??هن تي سوار ٿي وڃو ته تيزي سان ترقي ڪندا، ان سلسلي ۾ پاڪستان فيصلاسازي ج?? حوالي سان تمام ڪمزور آهي ج??هن ۾ تيزي آڻڻي پوندي ڇو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، اسان کي دنيا سان گڏجي هلڻ جي لاءِ ۽ ترقي ج?? منزل طئي ڪرڻ جي لاءِ اوپينيئن ميڪر، فيصلاسازي ۽ پارليامينٽرين جي ڪردار کي اهميت ڏيڻي پوندي. بعد ۾ صدر کي يادگاري شيلڊ پڻ ڏني وئي.