مظفر آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڌار ڌار سياسي وابستگين باوجود سڄي ملڪ جي سياسي قيادت جو مظفر آباد ۾ ڪشمير ڪاز لاءِ گڏ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ظلم کي پوري ??نيا آڏو نروار ڪيو، ستن ڏهاڪن کان ڀارت ڪشمير ۾ ظلم جو داستان رقم ڪري ??هيو آهي پر ڀارت ڪشميرين جي حق خوداراديت واري ??ذبي کي ماٺو ناهي ڪري ??گهيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙو اظهار يوم يڪجهتي ڪشمي?? جي موقعي تي مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمي?? جي سياسي قيادت سان ملاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ آزاد ڪشمي?? جي سمورن مسئلن جو حل اسان ويهي ڪڍنداسين. هن چيو ته پاڪستان توهان سان گڏ آهي ۽ هميشھ ڪشميرين سان سندن جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اهڙي ريت سي??ست کان مٿانهون ٿي اتحاد سان قومي معاملن تي گڏ ٿينداسين، ته اهو وقت پري ناهي جو سمورا مسئلا حل نه ٿين. آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ڪشمي?? جي وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم جي 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير تي مظفر آباد آمد تي ڪشمير ڪاز لاءِ سندس آج??ان ڪئي. آزاد ڪشمي?? جي وزيراعظم چيو ته پورو ڪشمير اڄ يوم يڪجهتي ڪشمي?? جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم جي مظفر آباد امد تي دل جي گهراين سان آج??ان ڪري ٿو. ۽ سندس قدم ڪشميرين جي دلين ۾ قدر کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بالخصوص موجوده حڪومت ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ان امر کي يق??ني بڻائڻ لاءِ ذاتي دلچسپي تي ڪشميري ??وام وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمي?? جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمي?? جي صدر چوڌري محمد ياسين، پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمي?? جي صدر شاهه غلام قادر، ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر سردار حسن ابراهيم خان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ قمر زمان ڪائره به موجود هئا.