اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشعال حسين ملڪ چيو آهي ته جمهوريت جو ڪوڙو ??باس پائي ڀارت نام نهاد ري پبلڪ ڊي ملهائي رهيو آهي، ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندو آهي، ڀارت?? فوج گذريل 75 سالن کان سموري ڪشميري قوم جو رت وهائي رهي آهي. ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريا تي پنهنجي بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته جمهوريت جو ڪوڙو ??باس پائي ڀارت ڪشميرين جي مسل ڪشي ۾ مصروف آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لکن جي تعداد ۾ مقرر ڀارت?? فوج ڪشميرين کي گولين جو شڪار ڪري رهيا آهن. ڀارت?? فوج هٿان ڪشميري عورتن جي عزت پڻ محفوظ ناهي، ڀارت?? فوج ڪشميرين جي گهرن کي ساڙي رهي آهي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارت?? فوج کان ننڍا معصوم ڪشميري پڻ محفوظ ناهن، ڀارتي حڪومت سياسي جدوجهد تي ڪشميري اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ٺ??هيا آهن. ڏهه لک فوج سان گڏ ڀارتي حڪومت پنجاهه لک هندوستانين کي پڻ ڪشميري سڃاڻ?? ڏئي ڇڏي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميرين تي پنجاهه لک هندن کي پڻ مسلط ڪيو ويو، والاريل ڪشمير ڀارت?? فوج جي ڪالوني بڻجي چڪو آهي. دنيا ڀارت جي نام نهاد جمهوريت جي پٽي اکين تان هٽائي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ زيادتي کي ڏسي.