بيجنگ – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چين جي ٻن ڏينهن جي س??ڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ايئرپورٽ تي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جو اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري س??لڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، خاص معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيرا??ظم سان گڏ آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيرا??ظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيرا??ظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ءيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيرا??ظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي س??ح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي س??ح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارتنرشپ جو جائزووٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي س??ح تي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري س??ن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ ??مڪ??ن آهي. وزيرا??ظم جي دوري س??ن پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي.