لاهور – 27 – آڪٽوبر (??ي پي پي) لاهور آرٽس ڪائونسل الحمرا ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي نمائش بليڪ ڊي منعقد ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح ايگزيڪي??ٽو ڊائريڪٽر الحمرا ذوالفقار علي زلفي ڪئي. نمائش ۾ سڄي ملڪ مان 50 آرٽسٽن جو ڪم ڏيکاريو ويو. ان موقعي تي ايگزيڪي??ٽو ڊائريڪٽر الحمرا چيو ته الحمرا ڪشمير ج?? ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نمائش ۾ لڳل فنپارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي بيان ڪري رهيا آهن. ذوالفقار علي زلفي چيو ته ڪشميري ڀائرن جون ق??بانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون، ڪشميرين جي آزادي جو سج ضرور اڀرندو.