اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آه?? ته واقعي جون ح??يق??ون قوم آڏو آڻينداسين، يقين ڏياريان ٿو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان جيڪو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اهو انتهائي مذمت جوڳو آه??، پاڪستان جي عوام جي ان مارجڻ تي انتهائي ڏکويل آه?? ۽ ان واقعي جي جيتري مذ??ت ڪئي وڃي گهٽ آه??. هن چيو ته گذريل ڏينهن سعودي عرب روانو ٿيڻ کان اڳ مون ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ ان کي گذارش ڪئي ته واقعي جي جاچ رپورٽ اسان کي فوري طور تي موڪلي وڃي ۽ مڙهه فوري پاڪستان موڪلڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪينيا جي صدر مون کي پورو يقين ڏياريو ته ان ڏس ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ڪينيا جي صدر ان واقعي تي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن فيصلو ڪيو آه?? ته ان واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان شفاف جاچ ڪرائي ويندي ۽ ان جي لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي لاءِ درخواست ڪنداسين، ان فيصلي جي ڪابينا کان پڻ توثيق ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته هي واقعو اسان سڀني جي لاءِ افسوس جوڳو آه??، قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته ان جي شفاف جاچ ٿيندي ۽ ح??يق??ون قوم آڏو آڻينداسين.