اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اڳوڻو دور ميڊيا جي ??اءِ ڪارو ترين دور هو، گذريل دور ۾ ميڊي اتي پابنديون هنيون ويون، صحافين جا قلم ٽوڙيا ويا، انهن جا هلندي پروگ??ام بند ڪيا ويا، مري جي سياسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي ??شڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي ??راهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي صدر سڌير احمد ع??اس?? جي ??يادت ۾ مري پريس ڪلب جي ??فد سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت، مري پريس ڪلب ۽ صحافين کي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مري ملڪ جو ناليوارو سياحتي هل اسٽيشن آهي جتي سڄي ملڪ مان پورو سال لکين سياح سير جي ??اءِ اچن ٿا، مقامي صحافي پنهنجي ??لم ۽ ڪئميرا جي ذريعي پاڪستان خاص طور تي سڄي دنيا ۾ مري جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته مري پريس ڪلب جي ايڪريڊيٽيشن تي فوري ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته مري جي سياسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي ??شڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي ??راهمي لاءِ خصوصي قدم کڻندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مري پريس ڪلب جي ??فد چيو ته مري ۾ ٽي هزار جي ??ڳ ڀڳ واپاري آهن جن کي سدائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي ڪاروباري موقعا ۽ سازگار ماحول فراهمڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي، هن مريءَ ۾سياحت جي ??روغ لاءِ عملي قدم کنيا. مري پريس ڪلب جي ??فد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا مري پريس ڪلب جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.