اسلام آباد – 01 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ??لڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪندو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سکر ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪندو، ٻوڏ سٽيلن سان ملاقات ڪندو. صدر ٻوڏ م??اثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ ا??هن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سان ملاقاتون ڪندو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ م??اثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ م??اثرين جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر ايندڙ ٻوڏ کان بچ??ءُ ۽ ٻوڏ م??اثرين جي تيز تر بحالي لاءِ ??دمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.