اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ س??ڙپ??اري جا زبردست موقعا آهن جن مان سڄي دنيا جا س??ڙپ??ار فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ سوئيڊن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پنهنجي تعاون جي سلسلي کي جاري رکندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مقرر سوئيڊن جي سفير هنرڪ پرسن سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سوئيڊن جي سفير ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. هنرڪ پرسن بلاول ڀ??و زرداري کي سوئيڊن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ سفير جي وچ ۾ دنيا کي درپيش موسمياتي تبديلين جي چئلينج جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ان موقعي تي چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته سوئيڊش ڪمپنيون پاڪستان ۾ س??ڙپ??اري جو فائدو کڻي رهيون آهن، دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪمپنيون به پاڪستان ۾ س??ڙپ??اري ڪن.