ڪر??چي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر ڪر??چي محمد ??قب??ل ميمڻ چيو آهي ته بئنڪ اسلامي جي تعاون سان ڪمشنر جي نگراني هيٺ ??نع??د ٿيندڙ پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪر??چي جي اسڪولن جي وچ ۾ تعليم کاتي جي حصيداري سان مختلف مقابلا جنهن ۾ تقريري، نعت ۽ ملي نغمن جا مقابلا شامل آهن ??نع??د ڪيا ويندا. اهو فيصلو ڪمشنر آفيس ۾ سندس صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولز فرناز رياض، رجسٽرار قاضي عبدالرزاق، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل عابد قمر شيخ، ڪوآرڊينيٽر غلام محمد خان ۽ محمد اخلاق شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڪر??چي محمد ??قب??ل ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪمشنر آفيس انهن تقريبن جو شاندار انداز ۾ اهتمام ڪيو آهي ۽ پورو شهر?? ان سان ڳنڍيل آهي جنهن ۾ بئنڪ اسلامي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي سدائين ڪر??چي جي انتظا??يا سان ڀرپور حصيداري ڪئي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مٿي ڏنل ٽئي پروگرام ڀرپور انداز ۾ ??نع??د ٿيندا.