فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏها??ي جي حوالي سان فيصل آباد جي بازارن، مارڪيٽن، روڊن، واپاري عمارتن، گهٽين، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن کي خوبصورتي سان سجائڻ جو عمل ش??وع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فيصل آباد جي واپاري برادري ۽ نوجوان وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن. جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران چيو ويو آهي ته ان عظيم آزادي جي ڏها??ي جي موقعي تي واپاري برادري جي شاندار روايتون ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿيون ڪري سگهجن. ٻئي طرف واپاري نمائندن اي پي پي کي آزادي ڏها??ي جي پروگرامن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ت?? گهنٽا گهر چوڪ جي 8 بازارن سميت ٻين بازارن، مارڪيٽن، سبزي منڊين ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن کي قومي جهنڊن ۽ ٻين خوبصورت شين سان سينگاريو پيو وڃي. هنن ٻڌايو ته ايندڙ چئن ڏينهن دوران مختلف وقتن ۾ آزادي جا ڪيڪ ڪاٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيون وينديون. جڏهن ته سرڪاري سطح تي ٿيندڙ تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.