اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزي?? راڻا ثناءُ الله ۽ خوا??ه سعد رفيق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار اختر مينگل وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر بلوچ افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي بلوچستان جي ترقي لاءِ قدم کڻي بلو?? نوجوانن جي قومي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائيندي.