اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اس??يڪر چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار اياز صادق چيو ته ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري پنهنجي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپٽي اس??يڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سردار اياز صادق چيو ته اس??يڪر جي چونڊ لاءِ سي?? خورشيد شاهه ۽ سي?? نويد قمر راجا پرويز اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پرويز اشرف ک?? بنا مقابلي اس??يڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار اياز صادق نئين چونڊيل اس??يڪر راجا پرويز اشرف کان سندس عهدي جو حلف ورتو.