اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم ??جڻ گ??رج??، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 233 ارب رپين جا ڪيس التوا هيٺ آهن، اهو ڪنهن شخص جو ذاتي نه پر ملڪ جو پئسو آهي، انهن ڪيسن جي حوالي سان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله بهتر مشورا ڏنا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته اڄ ايف بي آر چيئرمين سان گڏ اسان جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران ايف بي آر چيئرمين 13 ڪيسن کي وڌيڪ اهم قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته جسٽس اطهر من الله پاڪستان جي ڪجهه وڏن ججن مان آهي. هن پاڪستان جي خوشحالي طرف هڪ وڏو قدم کنيو آهي. هن چيو ته اميد آهي ب??قي عدا??تو?? به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پوئيواري ڪنديون. هڪ سوا?? جي جواب ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته وصولين بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ نه، ايف بي آر جي وڪيلن جي ڪري ڦاٿل آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم ??جڻ گ??رج??. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته يقيني طور تي ايف بي آر چيئرمين اجلاس ۾ ڏنل تجويزن مان فائدو کڻندو. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته اسان عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان تيار آهيون، پر لڳي ٿو مخالف ڌر پاران عدم اعتماد جي رٿ اچڻي نه آهي.