اسلام آباد – 16 في??روري (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته پروگرام سرعام جي ٽيم سان جيڪو واقعو پيش آيو ان تي فوري قدم کنيا ويا، واقعي جي ٺوس جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فر?? حبيب چيئرمين في??ل جاويد جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته پيمرا جي قانونن ۾ به بهتري اچڻ گهرجي. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر في??ل جاويد چيو ته سنڌ کانسواءِ پوري پاڪستان ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، گذريل اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا ٻڌايو هو ته سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ چاهي ٿي، سندس خاطري جي باوجود اڃا تائين سنڌ ۾ صحت ڪارڊ جاري ناهي ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اسان جا اڪثر فن??ار ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن لاءِ سرڪاري علاج جي ڪا سهولت موجود نه آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري ڇڏي ته فنڪارن کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.