بخارسٽ – 10 جنوري (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن بخارسٽ ۾ رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا سان ملاقات دوران چئي. وزيراعظم رومانيا جي چيف آف پروٽوڪول ??رڏ??هي وزير جي آجيان ڪئي. ??رڏ??هي وزير رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا کي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي روشني وڌي. ??رڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي بهتري ٻنهي م??ڪن جي قيادت جي ويزن جو اظهار آهي. ??رڏ??هي وزير رومانيا پاران ڪ??رونا وائرس جي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل موثر قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ رومانيا جي حڪومت پاران ڪ??ويڊ جي خاتمي واري ويڪسين جون 500000 خوراڪن جي تحفي جي اعلان تي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا جا ٿورا مڃيا. رومانيا جي وزيراعظم افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ اسلام آباد پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم سان ملاقات دوران ??رڏ??هي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني ۽ افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ??رڏ??هي وزير يورپي يونين ۾ پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس جي حوالي سان رومانيا جي حمايت کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم مسٽر نڪولائي چيوڪا ??رڏ??هي وزير کي رومانيا اچڻ تي ڀليڪار چوندي نيڪ خواهشن جي اظهار تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.