لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور قلعه (يونيسڪو عالمي ورثي) جي اهم حصي پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خاني جو دورو ڪيو، صدر جو استقبال پاڪستان بابت آغا خان ڪائونسل جي صدر حافظ شير علي، والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽ?? جي ڊائريڪٽر جنرل ڪامران لاشاري ۽ آغا خان ڪلچرل سروس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر خواجه توصيف احمد ڪيو. شاهه برج گيٽ (هاٿي پول) سان گڏ واقع اها پڪچر وال قلع?? جي اصل نجي داخلا ٺاهيندي آهي، ان ديوار کي شڪار ۽ جنگ جي منظرن، مختلف تشبيهن، جانورن، پکين، جاگرافيائي ۽ گلن جي تصويرن سان نهايت عمدي طري??ي سان سجايو ويو آهي. اها ديوار تقريبن 400 سال اڳ مغل دور ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، جيڪا دنيا جي سڀ وڏين ديوارن مان هڪ آهي. اها ديوار نقشين گليزڊ ٽائل تي ٻڌل موزائيڪ جي ڪم سان زردوري استرڪاري رنگ ڪيل چن جي پلستر ۽ ڪٽيل سرن سان تعمير ڪئي وئي آهي،. مغليه زمان?? جي نفيس ۽ پيچيده ڪم ۾ انتهائي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي صدر عارف علوي اسلامي تاريخ جي اهم حصي کي محفوظ ڪرڻ جي سخت ڪوششن کي ڀرپور ساراهيو. پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خان?? جي تحفظ جو ڪم ڪلچر بابت آغا خان ٽرسٽ ۽ ملڪ ۾ ان جي گڏيل اداري آغاز خان ڪلچر سروس پاڪستان والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽ?? جي تعاون سان انجام ڏنو آهي. آغاز خان ٽرسٽ براءِ ڪلچر جو ڌيان سڄي دنيا ۾ ڪميونٽيز جي مادي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي بحالي تي آهي، ان ۾ آغا خان ايوارڊ فار آرڪيٽيڪچر، آغا خان هسٽورڪ سٽي?? پروگرام، آغا خان ميوزڪ پروگرام، آن لائين ريسورس Archnet.org هاروڊ ??ونيورسٽي ۾ آغا خان پروگرام فار اسلام?? آرڪيٽيڪچر ۽ ميسوچيسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي شامل آهن. 2007ع کان آغا خان هسٽورڪ سٽي?? پروگرام والڊ سٽي آف لاهور جي بحالي ۽ مغل دور جي ان يادگار کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم پنجاب حڪومت ۽ والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽ?? جي حصيداري سان شروع ڪيو جنهن ۾ مسجد وزير خان ۽ شاهي حمام جي بحالي جو ڪم به شامل هو.