اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ ج?? ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي متحده عرب امارات جي 50 هين سالگرهه تي ان جي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ ج?? ??يئ??مين چيو ته متحده عرب امارات جي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ?? خوشحالي جون مثالي منزلون طئي ??يو?? آهن. پاڪستان يو اي اي جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي معاشي خوشحالي ۽ امن جو فروغ اسان جو گڏيل ويزن آهي. پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي مدي واري تعاون تي ٻڌل آهن. ڀائيچاري ۽ اعتماد جو رشتو گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌيڪ مستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ ج?? ??يئ??مين چيو ته عالمي فورمن تي مثالي تعاون پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ وڌ??ئڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، محمد صادق سنجراڻي چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي دوستي وقت جي هر امتحان تي پوري لٿي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحده عرب امارات دوستي زنده باد.