اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالب??ن پاڪستان س??ن پاڪستان جي آئين تحت ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، هڪ معاهدي تحت پاڪستان حڪومت ۽ ڪالعدم تحريڪ طالب??ن پاڪستان مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو، افغان اٿارٽيز انهن ڳالهين ۾ سه??لتڪار ج?? ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه هن تحريڪ طالب??ن پاڪستان سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪالعدم تحريڪ طالب??ن پاڪستان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو، انهن ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالب??ن پاڪستان سان ڳاله??ون آئين ۽ قانون تحت ٿينديون، ڪا به حڪومت پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳاله??ون ڪري ئي نه ٿي سگهي. هن چيو ته انهن ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهين ۾ انهن علائقن جي متاثر ماڻهن کي قطعي طور تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن علائقن جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي سامهون رکندي سيز فائر ۾ توسيع ٿيندي ويندي، انهن ڳالهين ۾ افغانستان جي اٿارٽيز (عبوري حڪومت) سه??لتڪار ج?? ڪردار ادا ڪيو آهي. هن يچو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان جا اهي علائقا هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪل امن طرف وڌي رهيا آهن.