اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بار ۽ بئنچ وانگر بار جو قانون واري ??زارت سان چولي دامن جو ساٿ آهي، قانون واري ??زارت جي بار ايسوسيئيشنز سان تعاون جي فيصلي جا ڏورس نتيجا نڪرندا. هو بار ايسوسيئيشنز ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ جو بنياد قائداعظم جيڪو هڪ وڪيل هو ر??يو هو، قائداعظم به ڪارو ڪوٽ ۽ ٽائي پائي هئي، هو عظيم انسان ۽ عظيم ليڊر هو، جنهن آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.