اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪو به معاشرو تعليم ک??نسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، شاگرد اسان جي ملڪ جو روشن مستقبل آهن ۽ موجوده حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ويمن يونيورسٽي صو??بي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهانه عروج سان ??لا??ات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ??لا??ات ڪئي. ??لا??ات ۾ تعليم وارو صو??ائي وزير شهرام ترڪئي به موجود هو.