اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پهريون ڀيرو ”سينٽرلائزڊ ڊيٽا ڪوليڪشن“ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي عوام کي رليف جي فراهمي، پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زميني حقيقتن موجب جامع ڊيٽا ه?? زندگي جي شعبي بابت فيصلاسازي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. هو پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري جي دوري جي موقعي تي بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. وفاقي وزير کي ڳڻپ واري ڊويزن جي عملدارن پاران ض??وري شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن بابت بريفنگ ڏني، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هر وزارت جو پنهنجو ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو نظام هجڻ گهرجي، سينٽرلائزڊ ڊيٽا سا?? ڳنڍيل هجي، جامع ڊيٽا سا?? ضروري شين جي گهرج، پهچ، پيداوار، ذخيري، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي هدفن جو پتو پئجي سگهندو، بار ڪوڊنگ سا?? اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته جامع ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪن??لو??يڪل، افرادي قوت سميت هر طريقيڪار جو استعمال ڪيو وڃي. جامع ڊيٽا، انتظامي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.