اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ترجيحاتي شعبن جي هفتيوار جائزي اجلاسن جو آغاز ٿي ويو آهي، جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يو??ف لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ماضي ?? نظر انداز ٿيندڙ ڇهه شعبن ۾ و??ي پئماني تي سڌارا لاڳو ڪرڻ لاءِ انهن کي ترجيحن شعبن جو در??و ڏنو ويو جنهن ۾ فوڊ سيڪيورٽي، زراعت، بجلي، افرادي قوت، ٻاهرين سيڙپڪاري، نجڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار تي خصوصي ڌيان جي لاءِ اڪنامڪ آڊٽ ريچ شامل آهن، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ هفتيوار جائزي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم پاڻ انهن شعبن جي حوالي سان مسئلن جي فوري حل جي نگراني ڪندو.