اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيرا??ظم عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن چانئٺ تي انصاف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيرا??ظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن جو عرصو پورو ٿيڻ تي وزيرا??ظم کي مبارڪون پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي اها تبديلي آهي جنهن جو وزيرا??ظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف قو?? سان واع??و ڪيو هو. پرڏيهي وزير وزيرا??ظم جي سٽيزن پورٽل تي وصول ٿيل شڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا دوران وزارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪرائسز ??ين??رز قائم ڪيا.