پشاور – 19 آڪٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ??يڊيا جي مڪمل آزادي تي يقين رکي ٿي، اخباري اشتهارن ۽ ميڊيا ادارن کي رهتن جي ادائگين بابت ش??اف??ت ۽ انصاف تي ٻڌل ٺوس مڪينزم تي ڪم ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ سمورين ڌرين جو تعاون گهربل هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي مقامي هوٽل ۾ سي پي اين اي ۽ اي پي اين ايس جي گڏ??ل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.