اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٻن مهينن ۾ 7482 ڪيس اُڪلايا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي رجسٽرار آفيس مان جاري پڌرائيءَ مطابق چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ 28 آڪٽوبر 2024ع ??ان 3 جنوري 2025ع تائين ڪيسن کي تيز رفتاريءَ سان اُڪلائيندي 7482 ڪيس اُڪلائ?? ڇڏيا، جڏهن ته ان وقت دوران 2950 نوان ڪيس داخل ڪيا. اهي ڪاميابيون ڪيس لوڊ مئنيجمينٽ، وسيلن آهر ۽ مناسب انساني وسيلن جي نئين ??ر جوڙجڪ جي نتيجي ۾ ٿيون. چيف جسٽس ۽ ٻين ??جن ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ته ملڪ جي اعليٰ ترين ??دالت عوام جي ??رو??تن کي پورو ڪندي رهي. چيف جسٽس عدليه جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ عدالتي سڌارن تي ڀرپور زور ڀريو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايڊوانسڊ آءِ ٽي سسٽمز کي انتظامي ورڪ فلو کي هموار ڪرڻ، ڪيس ٽريڪنگ کي بهتر بڻائڻ ۽ تيز ترين فيصلا سازي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ مربوط ڪيو پيو وڃي ۽ اِي حلف نامو ۽ فوري تصديقي ڪاپيون متعارف ڪرائي اصيلن جي سهولت تي ڌيان ڏيندي ڪيس مئنيجمينٽ جي عمل ۾ بهتري آندي پئي وڃي. ڌُرين ??اص طور تي ليگل پريٽڪشنرز، مدعي ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن ??ان فيڊ بيڪ گڏ ڪرڻ جو طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آهي. انهن قدمن جو مقصد عدليه کي وڌيڪ جوابدار، رسائي جوڳو ۽ عوام جي ??رو??تن لاءِ جوابداه بڻائڻ آهي. ضلعي عدليه جي اهم ڪردار کي قانوني چاره جوئي لاءِ رابطي جو پهريون هنڌ تسليم ڪندي چيف جسٽس پاڻ سڄي ملڪ جي ڏورانهن ضلعن جو دؤرو ڪيو. انهن دؤرن جو مقصد هيٺين ??طح تي انصاف جي فراهمي جي حالت جو جائزو وٺڻ، ضلعي عدالتن جي درپيش چئلينجز جي نشاندهي ڪرڻ ۽ سندن ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ جي طريقيڪار کي ڳولڻ هو. ضلعي عدليه نه رڳو عدليه جي نطام جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي پر عدليه تي عوام جي اعتماد ۽ ان جي جوڙجڪ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ، وسيلن ۾ فرق کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن شهرين لاءِ انصاف تائين ??رابر رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.