اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم جي حج درخواستگذارن کي سڌ ڏني آهي ته حج رهتن جي ٻي قسط جي وصولي ۾ و??يڪ واڌ نه ڪئي ويندي، جنهن هن وقت ت??ئين پنهنجي رهتن جي ٻي قسط لاڳاپيل بئنڪن ۾ جمع ناهي ڪرائي اهي اڄ 2 جنوري ت??ئين جمع ڪرائي ڇڏين. مذهبي معاملن واري وزارت جي ت??جمان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته حج رهتن جي ٻي قسط جي وصولي 27 ڊسمبر کان 2 جنوري ت??ئين اميد ڏني وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 98 سيڪڙو درخواستگذارن رقم جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اميد آهي ته خميس 2 جنوري ت??ئين باقي حج پانڌيئڙا به پنهنجي رقم جمع ڪرائي ڇڏيندا. مذهبي معاملن واري وزارت جو هدف تقريبن پورو ٿي ويو آهي، هاڻي ان مدي ۾ و??يڪ واڌ جو ڪ?? به سبب نٿو بڻجي.