راولپنڊي 09 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه اي اي?? اي?? هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل ??يا?? موجب ڊائريڪٽر جنرل اي اي?? اي?? ميجر جنرل عبدالمعيد، حلال امتياز ( ملٽري ) ان موقعي تي سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير کي اي اي?? اي?? پاران سال 2024ع دوران منشيات جي اسمگلنگ خلاف حاصل ڪيل ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير منشيات اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ اي اي?? اي?? جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ملڪ ۾ منشيات جي استعمال جي وڌندڙ رجحان ۽ درپيش مسئلن جو تدارڪ ڪندي اي اي?? اي?? جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. آخر ۾ وفاقي وزير تعليمي اد??رن جي شاگردن ۽ نوجوان نسل کي منشيات فروشي ۾ ملوث عنصرن خلاف اي اي?? اي?? جي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.