اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ش??يد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ بي مثال خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هوءَ نه صرف پاڪستان پر پور?? دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي ويندي هئي. هن ش??يد محترمه جي سياسي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته هن اسلام?? دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، جنهن سان م??ڪ جي عورتن کي سياست ۾ اچڻ ۽ پنهنجو هاڪاري ڪرداري ادا ڪرڻ جو حوصلو مليو. هن اهڙو اظهار ش??يد محترمه جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪيو، جيڪو هر سال 27 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي. اسپيڪر چيو ته محمد نواز شريف ۽ ش??يد محترمه جي ڪوششن سبب ميثاقِ جمهوريت ممڪن ٿي جيڪا م??ڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جو وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت عيوض 18هين ۽ 26هين ترميمن ذريعي 1973ع جي آئين کي پنهنجي اصل روح ۾ بحال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني قوم صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي جنهن ش??يد محترمه ڀٽو ۽ محمد نواز شريف وچ ۾ ڪيل ميثاقِ جمهوريت جي عهد کي نڀايو. هن موجوده دؤر ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مفادن کي ذ??تي مفادن تي ترجيح ڏيڻ لاءِ محترمه جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.