اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران ??ائ??اعظم محمد علي ج??اح جي 148هين جنم ڏهاڙي ج?? حوالي سان تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي باني باباءِ قوم ??ائ??اعظم محمد علي ج??اح جي ناياب تصويرن ۽ پينٽنگس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد نوجوان ن??ل کي باباءِ قوم جي يادگار جدوجهد ۽ الڳ وطن لاءِ ڏنل قربانين بابت آگاهي ڏيڻ آهي. نمائش دوران ??ائ??اعظم محمد علي ج??اح جي زندگيءَ ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ڪندڙ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي انفارميشن سروس اڪيڊمي ج?? ڊائريڪٽر جنرل سيد مبشر توقير شاهه تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عمرانه وزير، ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين ?? ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي ج?? انفارميشن سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ڳالهائيندي ??ائ??اعظم محمد علي ج??اح کي اميد ۽ عزم جو مجسمو قرار ڏنو، جنهن جو اڻ ٿڪ عزم پاڪستان قائم ٿيڻ جو سبب بڻيو. هن ڊجيٽل تصويري نمائش جي ڪامياب انعقاد تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي قدمن ۽ تقريب ۾ اسلام آباد جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي شامل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. سيد مبشر توقير شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ ??ائ??اعظم جي نظريي تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب دوران ??ائ??اعظم جي ج??م ڏينهن جي حوالي سان پينٽنگ ۽ تصويري نمائش جي مقابلي ج?? فاتح شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. هن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي فني ۽ فڪري ڪوششن کي ساراهيو ۽ نمائش جو دورو ڪيو. نمائش ۾ فن سان لڳاءُ رکندڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ ??ائ??اعظم جي ج??م ڏينهن جي مُناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.