اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مالي سال 25-2024ع جي په??ين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏيندي فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا ترجمان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز نيپرا کي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي اٿارٽي مالي سال 25-2024ع جي په??ين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تي 20 نومبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي هئي. اٿارٽي ڊيٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ ڊسڪوز جي صارفين لاءِ په??ين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو صرف ڊسمبر جي مهيني لاءِ بلن ۾ لاڳو هوندو، ان ک??ن اڳ مالي سال 24-2023ع جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين ک??ن ايوريج 1.74 رپيا في يونٽ چارج ڪيو پيو وڃي، جيڪ?? نومبر تائين لاڳو هو. په??ين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ گذريل مالي سال جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي ڀيٽ ۾ 1.54 رپيا في يونٽ صارفين کان گهٽ چارج ڪيو ويندو. ان ٽه ماهي جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين کانسواءِ لائيف لائن صارفين تي هوندو، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو فيصل?? نوٽيفڪيشن کان په??ين وفاقي حڪومت آگاهه ڪيو ويو آهي.