اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ موسمياتي تبديلين جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالرن جي معاهدي تي صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. معاهدو ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر ريزيلينس اينهانسمينٽ پروگرام تحت ڪيو ويو آهي. معاهدي تي صحيحن واري تقري?? اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ منعقد ٿي. ان کان اڳ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه ان معاهدي جي منظوري ڏني هئي. اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ پا??ست??ن ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافان معاهدي تي صحيحي ڪئي. ان موقعي تي پا??ست??ن ۽ اي ڊي بي جا سينئر عملدار پڻ موجود هئا. وفاقي وزير احد خان چيمه چ??و آهي، ته معاهدي سان پا??ست??ن جي موسمياتي تبديلين جي قدمن کي ترجيح ڏيڻ ۽ ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ کي هڪ مربوط حڪمت عملي تحت وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وزارت جي سيڪريٽري ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان موقعي تي چيو ته معاهدي جو مقصد پا??ست??ن جي موسمياتي تبديلين سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته پروگرام جو بنيادي مقصد اداراجاتي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن ڊزاسٽر رسڪ ميپنگ، رسپانس ڪو آرڊينيشن ۽ صنفي حساسيت تي ٻڌل سرڪاري سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻي سگهجي. معاهدي تحت پا??ست??ن ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالياتي ۽ فني معاونت فراهم ڪئي ويندي جنهن ذريعي خطرن جو اثرائتي اندا?? ۾ ??اٿو لڳائي سگهبو. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط قدم کڻي سگهبا.