اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف ضلعي هرنائي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي ميجر محمد ??سيب ۽ حوالدار نور احمد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ پاڪستان فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.