اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين جي پراپرٽي جي تحفظ جي ل??ءِ خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي بل جي منظوري اهم اڳڀرائي آهي، بل تحت خصوصي عدالتون اوورسي?? پاڪستانين جي ملڪيتن تي ناجائز قبضي بابت مسئلا 90 ڏينهن ۾ اڪلائينديون، ٻاهرئين ??لڪ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اوورسي?? پاڪستاني مٽاسٽا جي ناڻي جي ذريعي ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اوورسي?? پاڪستانين جي مفادن جي تحفظ جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. وقتي صدر سمنڊ پار پاڪستانين جا مسئلا ترجي??ي بنيادن تي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا ٻاهرئين ??لڪ پاڪستانين جي ل??ءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي ل??ءِ حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو.