اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف بلوچست??ن جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته آپريشن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث چار دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز مبارڪباد جون مستحق آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ت?? امن امان ۾ رڪاوٽ وجهندڙن کي انتهائي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي ??رح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اس??ن جي جن?? جاري رهندي.