اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سرينا چؤڪ منصوبو 60 ڏينهن ۽ ايف نائن پارڪ منصوبو 100 کان 120 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، مارگله ايڪسپريس کي موٽر وي سان ڳنڍڻ سان ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس کان موٽر وي جو سفر 15 کان 20 منٽن ۾ طئي ٿي سگهندو. فيض ??باد پُل کي ڪشادو ڪرڻ، راول ڍنڍ روڊ، مارگلا روڊ کي بهتر ڪرڻ ۽ مجموعي طور تي اسلام آباد جي خوبصور??يء?? کي يقيني بنائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان ڊگهو جهنڊو اسلام آباد ۾ لڳائينداسين. اه??و اظهار هن ايف نائن منصوبو، سرينا چؤڪ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي منصوبن جو باقائده پيڙهه جو پٿر رکيو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، گهرو معاملن بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪ??يٽيءَ جو چيئرمين خرم نواز، قومي اسيمبلي ميمبر انجم عقيل خان، طارق فضل چوڌري سميت ٻيا اسيمبلي ميمبر ۽ معزز شخصيتون تقريب ۾ موجود هيون. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان لاءِ اڄ اهم ڏينهن آهي، سرينا چؤڪ ۽ ايف نائن پارڪ منصوبي جو ڪائونٽ ڊائون اڄ شروع ٿي چڪو آهي. سرينا چؤڪ منصوبو 60 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، اه??ي طرح ايف نائن منصوبو 100 کان 120 ڏينهن دوران مڪمل ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد جي خوبصور??يء?? تي سي ڊي اي تمام ڪم ڪيو، اسان ايس سي او تي اسلام آباد کي جهڙيءَ طرح خوبصورت بڻايو آهي، هاڻ اسان جي ڪوشش آهي ته ان کي مستقل بنيادن تي برقرار رکون. ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جون سموريون شاهراهون اه??يءَ طرح رات جو به روشن رهنديون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ فائيو اسٽار هوٽلز جي گهٽتائي آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻن جاين جي چونڊ ڪئي وئي آهي. ان مقصد لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻن پلاٽن جي نيلامي ڪنداسين ۽ يقيني بڻائينداسين ته جيڪو پلاٽ وٺي اهو فوري طور تي فائيو اسٽار هوٽل بڻائي، اه??يءَ طرح ننڍن هوٽلن جي پلاٽن جي نيلامي ٿي چڪي آهي، انهي مُدي دوران وزيراعظم سفاري پاڪ جي پيڙهه جو پٿر رکندو. گهرو وزير چيو ته فيض ??باد چؤڪ جي پُل کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، فيض ??باد چؤڪ جيڪو راولپنڊي کان اچي رهيو آهي اهو جام ٿي ويندو آهي، اهو منصوبو به ٻنهي ميگا پراجيڪٽس سان گڏ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر جي مدد سان اسان ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان ڊگهو جهنڊو اسلام آباد ۾ لڳائينداسين.