ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي، ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو آمريت ۽ جبر خلاف مزاحمت ۽ جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي. مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ??رسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته جمهوريت، انصاف ۽ برابري جي جدوجهد ۾ بيگم ڀٽو جون خدمتون ۽ قربانيون بي مثال آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان بيگم نصرت ڀٽو کي سلام پيش ڪريان ٿو، جمهوريت لاءِ سندس ??ي لوث وابستگي، مسلسل چئلينجن جي باوجود سندس ??زم ۽ حوصلو غير معمولي ورثي جو ثبوت آهي. بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت لاءِ قيد ۽ اذيتون برداشت ڪيون. پيپلز پارٽي جي چيئرمين ??ڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سياسي جدوجهد جي تاريخ بيگم ڀٽو جي ذڪ?? کانسواءِ اڻپوري ر??ند??. هن چيو ته جمهوريت جي ماءُ جي ياد پارٽي ۽ قوم ٻنهي لاءِ اميد، طاقت ۽ رهنمائي جي علامت ر??ند??.